Acts 21:26 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن تي پولس اُنهن ماڻهن کي وٺي، ٻئي ڏينهن پاڻ کي هنن سان گڏ پاڪ ڪري هيڪل ۾ ويو، ۽ خبر ڏنائين تہ جڏهن پاڪ ٿيڻ جا ڏينهن پورا ٿيندا، تڏهن اُنهن مان هڪڙي هڪڙي جي لاءِ قرباني چاڙهي ويندي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ٻئي ڏينھن تي پولس انھن چئن ماڻھن کي ساڻ وٺي ويو ۽ انھن سان گڏ پاڪ ٿي ھيڪل ۾ آيو ۽ اچي ٻڌايائين تہ ھو پاڪ ٿيڻ جا ھيترا ڏينھن پورا ڪندا. انھيءَ کان پوءِ انھن مان ھر ھڪ لاءِ قرباني پيش ڪئي ويندي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو ٻئي ڏينهن تي پولس انهن چئن ماڻهن کي ساڻ وٺي ويو ۽ انهن سان گڏ پاڻ کي پوِتر ڪري هيڪل ۾ اچي اهو ڏينهن ٻڌايائين جڏهن سندن پوِتر ٿيڻ جو وقت پورو ٿيندو ۽ هر هڪ لاءِ ٻليدان پيش ڪيو ويندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو ٻئي ڏينهن تي پولس انهن چئن ماڻهن کي ساڻ وٺي ويو ۽ انهن سان گڏ پاڻ کي پاڪ ڪري هيڪل ۾ اچي اهو ڏينهن ٻڌايائين جڏهن سندن پاڪ ٿيڻ جو وقت پورو ٿيندو ۽ هر هڪ لاءِ قرباني پيش ڪئي ويندي.