Acts 21:27 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن اُهي ست ڏينهن پوري ٿيڻ تي آيا، تڏهن آسيہ جي يهودين هن کي هيڪل ۾ ڏسي سڀني ماڻهن کي چوريو ۽ وڃي پڪڙيائونس،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر جڏھن اھي ست ڏينھن پورا ٿيڻ تي ھئا، تڏھن ايشيا پرڳڻي جي ڪن يھودين پولس کي ھيڪل ۾ ڏٺو. سو ھنن سڄي خلق کي ڀڙڪائي اچي کيس پڪڙيو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن پوِتر ٿيڻ جا اهي ست ڏينهن پورا ٿيڻ تي هئا، تڏهن آسيا صوبي جي ڪن يهودين پولس کي هيڪل ۾ ڏٺو. سو هنن سڄي خلق کي ڀڙڪائي اچي کيس پڪڙيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن پاڪ ٿيڻ جا اهي ست ڏينهن پورا ٿيڻ تي هئا، تڏهن آسيا صوبي جي ڪن يهودين پولس کي هيڪل ۾ ڏٺو. سو هنن سڄي خلق کي ڀڙڪائي اچي کيس پڪڙيو.