Acts 22:10 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن مون چيو، تہ اي خداوند، آئون ڇا ڪريان؟ خداوند مون کي چيو تہ اُٿي دمشق ۾ وڃ، ۽ جيڪي تنهنجي ڪرڻ لاءِ ٺهرايو ويو آهي، سو سڀ توکي ٻُڌايو ويندو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
مون پڇيو تہ ’اي خداوند! آءٌ ڇا ڪريان؟‘ تنھن تي خداوند مون کي چيو تہ ’اٿي دمشق ۾ وڃ، اتي تو کي اھو سڀ ڪجھہ ٻڌايو ويندو، جيڪو خدا تنھنجي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو آھي.‘
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
مون کانئس پڇيو تہ ’اي پرڀو! آءٌ ڇا ڪريان؟‘ تنهن تي پرڀوءَ مون کي چيو تہ ’اُٿي دمشق ڏانهن وڃ. اتي تو کي اهو سڀ ڪجھہ ٻڌايو ويندو، جيڪو تنهنجي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.‘
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
مون کانئس پڇيو تہ ’اي خداوند! آءٌ ڇا ڪريان؟‘ تنهن تي خداوند مون کي چيو تہ ’اُٿي دمشق ڏانهن وڃ. اتي تو کي اهو سڀ ڪجھہ ٻڌايو ويندو، جيڪو تنهنجي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.‘