Acts 22:19 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ مون چيو تہ اي خداوند، خود هنن کي خبر آهي تہ جن تو تي ايمان آندو هو، تن کي آئون قيد ڪرائيندو هوس، ۽ هنڌ هنڌ عبادتخانن ۾ مار ڏياريندو هوس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن تي مون وراڻيو تہ ’اي خداوند! خود ھنن کي خبر آھي تہ جيڪي تو تي ايمان آڻيندا ھئا، تن کي آءٌ جتي ڪٿي يھودي عبادتخانن ۾ وڃي پڪڙي جيل ۾ وجھرائيندو ھوس ۽ مار ڏياريندو ھوس.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن تي مون کيس چيو تہ ’اي پرڀو! هو پاڻ ڄاڻين ٿا تہ جيڪي تو تي وشواس آڻيندا هئا، تن کي آءٌ جتي ڪٿي يهودين جي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ وڃي پڪڙي جيل ۾ وجھرائيندو هئس ۽ مار ڏياريندو هئس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي مون کيس چيو تہ ’اي خداوند! هو پاڻ ڄاڻين ٿا تہ جيڪي تو تي ايمان آڻيندا هئا، تن کي آءٌ جتي ڪٿي يهودين جي عبادتخانن ۾ وڃي پڪڙي جيل ۾ وجھرائيندو هئس ۽ مار ڏياريندو هئس.