Acts 22:30 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر ٻئي ڏينهن اِنهي لاءِ تہ پڪي خبر پويس تہ يهودي مٿس ڪهڙو ڏوهہ ٿا مڙهين؛ هن کيس ڇوڙائي ڇڏيو ۽ سردار ڪاهن، ۽ ساري صدر مجلس کي گڏ ٿيڻ جو حڪم ڏنائين، ۽ پولس کي هيٺ وٺي آيو ۽ سندن وچ ۾ بيهاريائين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڪپتان جي مرضي ھئي تہ ھو ڏسي پڪ ڪري تہ يھودي پولس تي ڪھڙا الزام ھڻن ٿا. سو ھن ٻئي ڏينھن تي پولس جون ھٿڪڙيون لھرايون ۽ حڪم ڏنائين تہ ”سردار ڪاھن ۽ سڄي ڪائونسل گڏ ٿئي.“ پوءِ ھن پولس کي وٺي انھن جي اڳيان آڻي بيھاريو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن هوندي بہ ڪپتان جي مرضي هئي تہ هو ڏسي پڪ ڪري تہ يهودي پولس تي ڪهڙا الزام هڻن ٿا. سو هن ٻئي ڏينهن تي پولس جون هٿڪڙيون لهرايون ۽ حڪم ڏنائين تہ ”سڀ سردار ڪاهن بلڪ يهودين جي سڄي پئنچائت گڏ ٿئي.“ پوءِ هن پولس کي وٺي انهن جي اڳيان آڻي بيهاريو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن هوندي بہ ڪپتان جي مرضي هئي تہ هو ڏسي پڪ ڪري تہ يهودي پولس تي ڪهڙا الزام هڻن ٿا. سو هن ٻئي ڏينهن تي پولس جون هٿڪڙيون لهرايون ۽ حڪم ڏنائين تہ ”سڀ سردار ڪاهن بلڪ يهودين جي سڄي ڪائونسل گڏ ٿئي.“ پوءِ هن پولس کي وٺي انهن جي اڳيان آڻي بيهاريو.