Acts 22:5 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيئن تہ سردار ڪاهن ۽ بزرگ منهنجا شاهد آهن، جو اُنهن مون کي ڀائرن لاءِ خط ڏنا، جي وٺي آئون دمشق ڏانهن روانو ٿيس، تہ جيڪي اُتي هجن تن کي بہ ٻڌرائي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
وڏو سردار ڪاھن ۽ سڄي ڪائونسل ھن ڳالھہ جي شاھدي ڏيئي سگھن ٿا تہ آءٌ سچ ٿو ڳالھايان. انھن ئي مون کي دمشق جي يھودي ڀائرن لاءِ خط لکي ڏنا، جيڪي کڻي آءٌ اوڏانھن روانو ٿيس تہ جيئن اتي وارن کي بہ ٻڌي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
وڏو سردار ڪاهن بلڪ يهودين جي سڄي پئنچائت هن ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي سگھي ٿي تہ آءٌ سچ ٿو ڳالهايان. انهن ئي مون کي دمشق جي يهودي ڀائرن لاءِ خط لکي ڏنا، جيڪي کڻي آءٌ اوڏانهن روانو ٿيس تہ جيئن اتي بہ يسوع جي رستي تي هلڻ وارن کي ٻڌي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
وڏو سردار ڪاهن بلڪ يهودين جي سڄي ڪائونسل هن ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي سگھي ٿي تہ آءٌ سچ ٿو ڳالهايان. انهن ئي مون کي دمشق جي يهودي ڀائرن لاءِ خط لکي ڏنا، جيڪي کڻي آءٌ اوڏانهن روانو ٿيس تہ جيئن اتي بہ عيسيٰ جي رستي تي هلڻ وارن کي ٻڌي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان.“