Acts 23:15 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهنڪري هاڻي اوهين صدر مجلس وارن سان گڏجي پلٽڻ جي سردار کي چئو تہ هن کي اوهان وٽ وٺي اچي، ڄڻ تہ اوهان جي مرضي آهي تہ سندس معاملي جي اڃا بہ وڌيڪ تپاس ڪريو؛ ۽ اڃا هو پهچندو ئي ڪين تہ اسين ماري وجهنداسونس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
سو ھاڻي اوھين ڪائونسل وارن سان گڏجي بھانو ڪري ڪپتان کي عرض ڪريو تہ ھو پولس کي وڌيڪ جاچ لاءِ اوھان وٽ موڪلي، پوءِ ھو اوھان وٽ پھچندو ئي ڪين تہ اسان کيس ماري وجھنداسون.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو هاڻي اوهين پئنچائت وارا گڏجي بهانو ڪري ڪپتان کي وينتي ڪريو تہ هو پولس کي وڌيڪ جاچ لاءِ اوهان وٽ موڪلي. پوءِ اوهان وٽ پهچڻ کان اڳواٽ ئي اسين کيس ماري وجھنداسون.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو هاڻي اوهين ڪائونسل وارا گڏجي بهانو ڪري ڪپتان کي عرض ڪريو تہ هو پولس کي وڌيڪ جاچ لاءِ اوهان وٽ موڪلي. پوءِ اوهان وٽ پهچڻ کان اڳواٽ ئي اسين کيس ماري وجھنداسون.“