Acts 23:20 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهن تي هن چيو تہ يهودين پاڻ ۾ صلاح ڪئي آهي تہ توکي عرض ڪن تہ سڀاڻي پولس کي مجلس ۾ وٺي اچ، ڄڻ تہ کين سندس بابت اڃا بہ وڌيڪ تپاس ڪرڻي آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن تي ھن چيو تہ ”يھودين پاڻ ۾ سازش سٽي آھي تہ اوھان کي عرض ڪن تہ سڀاڻي پولس کي ڪائونسل ۾ وٺي اچو، ڄڻ تہ ان بابت کين وڌيڪ صحيح جاچ ڪرڻي آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن تي هن چيو تہ ”يهودين پاڻ ۾ سازش سِٽي آهي تہ اوهان کي وينتي ڪن تہ ’سڀاڻي پولس کي پئنچائت ۾ وٺي اچو، تہ جيئن اسين هن بابت وڌيڪ صحيح جاچ ڪريون.‘
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي هن چيو تہ ”يهودين پاڻ ۾ سازش سِٽي آهي تہ اوهان کي عرض ڪن تہ ’سڀاڻي پولس کي ڪائونسل ۾ وٺي اچو، تہ جيئن اسين هن بابت وڌيڪ صحيح جاچ ڪريون.‘