Acts 23:21 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر تون سندن ڳالهہ نہ مڃج؛ ڇالاءِ جو منجهانئن چاليهن کان بہ گهڻا ماڻهو لڪا ويٺا آهن، جن لعنت وجهي قسم کنيو آهي تہ جيسين هن کي ماري نہ وجهنداسين، تيسين نڪي کائينداسين، نڪي پيئنداسين؛ ۽ هاڻ هو سنبريو ويٺا آهن ۽ رڳو تنهنجي انجام جي واٽ پيا ڏسن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر اوھين سندن چيو نہ مڃجو، ڇالاءِجو يھودين جا چاليھن کان بہ وڌيڪ ماڻھو رستي تي لڪا ويٺا آھن، جن قسم کنيو آھي تہ جيسين ھو پولس کي نہ ماريندا تيسين نڪي کائيندا نڪي پيئندا. سو ھو ھاڻي سنبريا ويٺا آھن، رڳو تنھنجي فيصلي جو انتظار اٿن.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر اوهين سندن چيو نہ مڃجو، ڇاڪاڻ تہ چاليهن کان بہ وڌيڪ يهودي ماڻهو رستي تي لڪي ويهندا، جن قسم کنيو آهي تہ جيستائين هو پولس کي نہ ماريندا، تيستائين نڪي کائيندا نڪي پيئندا. سو هو هاڻي سنبريا ويٺا آهن، رڳو اوهان جي فيصلي جو انتظار اٿن.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)