Acts 23:3 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن پولس هن کي چيو تہ اي چوناريل ڀِت، تو تي خدا جي مار پوندي؛ تون شريعت موجب منهنجي عدالت ڪرڻ ويٺو آهين، ۽ شريعت جي برخلاف مون کي مار ڏيارڻ جو حڪم ٿو ڏين؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تڏھن پولس ھن کي چيو تہ ”خدا يقيناً تو کي بہ ڌڪ ھڻندو اي اندر ڪارا! ڇا تون منھنجو فيصلو شريعت موجب ٿو ڪرين؟ نہ، تون تہ شريعت جي خلاف مون کي مار ڏيارڻ جو حڪم ٿو ڏئين.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن پولس هن کي چيو تہ ”ايشور تو کي ئي ڌڪ هڻندو، اي اندر جا ڪارا! تون تہ منهنجو فيصلو موسيٰ جي نيم موجب ڪرڻ ويٺو آهين. پوءِ ڇو نيم جي خلاف مون کي مار ڏيارڻ جو حڪم ٿو ڏئين؟“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن پولس هن کي چيو تہ ”خدا تو کي ئي ڌڪ هڻندو، اي اندر جا ڪارا! تون تہ منهنجو فيصلو شريعت موجب ڪرڻ ويٺو آهين. پوءِ ڇو شريعت جي خلاف مون کي مار ڏيارڻ جو حڪم ٿو ڏئين؟“