Acts 23:30 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن مون کي خبر پيئي تہ هن ماڻهوءَ جي برخلاف هڪڙو منصوبو کڙو ٿيڻو آهي، تڏهن هڪدم کيس تو ڏانهن ڏياري موڪليم ۽ سندس مدعين کي بہ حڪم ڏنم تہ جيڪي سندس برخلاف چوڻو اٿن، سو تو وٽ اچي چَون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن مون کي معلوم ٿيو تہ ھن ماڻھوءَ جي خلاف ھڪ سازش سٽي ويئي آھي، تڏھن کيس ھڪدم اوھان ڏانھن ڏياري موڪليم ۽ سندس مخالفن کي حڪم ڏنم تہ جيڪڏھن انھن کي ھن جي خلاف ڪجھہ چوڻو آھي تہ اوھان وٽ اچي چون.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هاڻ جڏهن مون کي خبر پيئي تہ هن ماڻهوءَ جي خلاف هڪ سازش سِٽي ويئي آهي، تڏهن کيس هڪدم اوهان ڏانهن ڏياري موڪليم ۽ سندس مخالفن کي حڪم ڏنم تہ جيڪڏهن انهن کي هن جي خلاف ڪجھہ چوڻو آهي تہ اوهان وٽ اچي چون.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻ جڏهن مون کي معلوم ٿيو تہ هن ماڻهوءَ جي خلاف هڪ سازش سِٽي ويئي آهي، تڏهن کيس هڪدم اوهان ڏانهن ڏياري موڪليم ۽ سندس مخالفن کي حڪم ڏنم تہ جيڪڏهن انهن کي هن جي خلاف ڪجھہ چوڻو آهي تہ اوهان وٽ اچي چون.“