Acts 23:9 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پوءِ تہ ڏاڍو گوڙ اچي متو، ۽ فريسين جي طرف جا ڪي عالم اُٿي بيٺا، ۽ جهيڙو ڪري چوڻ لڳا تہ اسين هن ماڻهوءَ ۾ ڪابہ خرابي ڪانہ ٿا ڏسون: ۽ جي ڪنهن روح يا ملائڪ ساڻس ڳالهايو هوندو تہ پوءِ ڇا؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
گوڙ وڌندو ويو، تان جو ڪي شريعت جا عالم جيڪي فريسين جي پارٽيءَ مان ھئا، سي اٿي بيٺا ۽ سختيءَ سان اعتراض ڪرڻ لڳا تہ ”اسين ھن شخص ۾ ڪوبہ ڏوھہ نہ ٿا ڏسون. جيڪڏھن ڪنھن روح يا ڪنھن ملائڪ ساڻس ڳالھايو ھوندو تہ پوءِ ڇا ٿيو؟“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو گوڙ وڌندو ويو، تان جو ڪي نيم شاستري جيڪي فريسين مان هئا، سي اُٿي بيٺا ۽ سختيءَ سان اعتراض ڪرڻ لڳا تہ ”اسين هن شخص ۾ ڪوبہ ڏوهہ نہ ٿا ڏسون. جيڪڏهن ڪنهن آتما يا ڪنهن دوت ساڻس ڳالهايو هوندو تہ پوءِ ڇا ٿيو؟“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو گوڙ وڌندو ويو، تان جو ڪي شريعت جا عالم جيڪي فريسين مان هئا، سي اُٿي بيٺا ۽ سختيءَ سان اعتراض ڪرڻ لڳا تہ ”اسين هن شخص ۾ ڪوبہ ڏوهہ نہ ٿا ڏسون. جيڪڏهن ڪنهن روح يا ڪنهن ملائڪ ساڻس ڳالهايو هوندو تہ پوءِ ڇا ٿيو؟“