Acts 24:1 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ پنجن ڏينهن کانپوءِ سردار ڪاهن حنانياہ، ڪن بزرگن سان گڏجي، ۽ طرطلس نالي هڪڙو وڪيل ساڻ ڪري آيو؛ پوءِ اُنهن حاڪم جي اڳيان پولس تي فرياد ڪيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پنجن ڏينھن کان پوءِ وڏو سردار ڪاھن حنانياہ ڪن بزرگن ۽ ھڪ وڪيل طرطلس سان گڏجي قيصريہ ۾ آيو. اھي گورنر فِيلِڪس اڳيان حاضر ٿيا ۽ پولس تي تھمتون ھڻڻ لڳا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پنجن ڏينهن کان پوءِ وڏو سردار ڪاهن حننياہ يهودي پئنچائت جي ڪن ٻين چڱن مڙسن ۽ ترطلس نالي هڪ وڪيل سان گڏجي قيصريہ ۾ آيو. اهي گورنر فِيلڪس اڳيان حاضر ٿيا ۽ پولس تي تهمتون هڻڻ لڳا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پنجن ڏينهن کان پوءِ وڏو سردار ڪاهن حننياہ يهودي ڪائونسل جي ڪن ٻين چڱن مڙسن ۽ ترطلس نالي هڪ وڪيل سان گڏجي قيصريہ ۾ آيو. اهي گورنر فِيلڪس اڳيان حاضر ٿيا ۽ پولس تي تهمتون هڻڻ لڳا.