Acts 24:10 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن حاڪم پولس کي اشارو ڪيو، تڏهن هن ورندي ڏني، تہ مون کي خبر آهي تہ گهڻن ورهين کان تون هن قوم جي عدالت ڪندو آيو آهين؛ تنهنڪري خوشيءَ سان آئون پنهنجو بچاءُ ٿو ڏيان.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ گورنر پولس ڏانھن پنھنجو بيان ڏيڻ لاءِ اشارو ڪيو. تڏھن پولس وراڻيو تہ ”سائين! مون کي خبر آھي تہ اوھين گھڻن ئي سالن کان وٺي ھن قوم جو انصاف ڪندا ٿا اچو، تنھنڪري آءٌ خوشيءَ سان اوھان جي اڳيان پنھنجي بچاءَ لاءِ بيان ڏيان ٿو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ گورنر پولس ڏانهن پنهنجو بيان ڏيڻ لاءِ اشارو ڪيو. تڏهن پولس وراڻيو تہ ”سائين! آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اوهين گھڻن ئي سالن کان وٺي هن قوم جا فيصلا ڪندا ٿا اچو، تنهنڪري آءٌ دلجاءِ سان اوهان جي اڳيان پنهنجي صفائيءَ ۾ بيان ڏيان ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)