Acts 24:14 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر هيترو آئون تنهنجي اڳيان قبول ٿو ڪريان تہ جنهن طريقي کي هي بدعتي ٿا سڏين، اُنهي ۾ آئون پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت ٿو ڪريان؛ ۽ جيڪي ڳالهيون شريعت موجب آهن، ۽ جي نبين جي ڪتابن ۾ لکيل آهن، سي سڀيئي مڃان ٿو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ قبول ٿو ڪريان تہ پنھنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت انھيءَ طريقي موجب ڪريان ٿو جنھن کي ھي بدعت سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي شريعت ۽ نبين جي صحيفن ۾ لکيل سڀني ڳالھين تي ايمان آڻيان ٿو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
آءٌ اوهان جي اڳيان قبول ٿو ڪريان تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي ايشور جي ڀڳتي يسوع واري رستي تي هلندي ڪريان ٿو، جنهن کي هي ڀَٽڪي وڃڻ سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي نيم شاستر ۽ سنديش ڏيندڙ ٻين سنتن جي لکتن ۾ بيان ڪيل سڀني ڳالهين تي وشواس رکان ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ اوهان جي اڳيان قبول ٿو ڪريان تہ آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي عبادت عيسيٰ واري رستي تي هلندي ڪريان ٿو، جنهن کي هي بدعت سمجھن ٿا. آءٌ موسيٰ جي شريعت ۽ ٻين نبين جي لکتن ۾ بيان ڪيل سڀني ڳالهين تي ايمان رکان ٿو.