Acts 24:5 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو اسان جي نظر ۾ هيءُ ماڻهو هڪڙي وڏي آفت آهي، ۽ دنيا جي سڀني يهودين ۾ فساد مچائيندڙ، ۽ ناصرين جي بدعتي فرقي جو هڪڙو مهندار آهي:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھي ماڻھو ھڪ وڏو خطرناڪ غنڊو نڪتو آھي. دنيا جي سڀني يھودين ۾ ھن فساد مچايو آھي ۽ ناصرين جي ھڪڙي بدعتي فرقي جو اڳواڻ آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هي ماڻهو هڪ وڏو خطرناڪ باغي نڪتو آهي. سنسار جي سڀني يهودين ۾ هن فساد مچايو آهي ۽ ناصرت وارن جي هڪڙي ڀَٽڪيل پنٿ جو اڳواڻ آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هي ماڻهو هڪ وڏو خطرناڪ باغي نڪتو آهي. دنيا جي سڀني يهودين ۾ هن فساد مچايو آهي ۽ ناصرت وارن جي هڪڙي بدعتي فرقي جو اڳواڻ آهي.