Acts 25:24 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پوءِ فيستس چوڻ لڳو، تہ اي اگرپا بادشاهہ، ۽ اوهين سڀيئي جي هتي موجود آهيو، هن شخص کي ڏسو، جنهن بابت يهودين جي سڄي خلق يروشلم ۾ توڙي هتي مون وٽ فرياد ڪيو، ۽ واڪا ڪري چيائون تہ ههڙي ماڻهوءَ کي جيئرو ئي رهڻ نہ ڏجي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ فيستس چوڻ لڳو تہ ”اي بادشاھہ اگرپا ۽ معزز حاضرين! ھن شخص ڏانھن ڏسو، جنھن بابت يھودين جي سڄي خلق ھتي قيصريہ ۾ ۽ يروشلم ۾ مون وٽ فرياد ڪئي ۽ واڪا ڪري چيائون تہ ’ھن ماڻھوءَ کي جيئرو نہ ڇڏيو.‘
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ فيستس چوڻ لڳو تہ ”اي راجا اگرپا ۽ درٻار ۾ موجود مانوارؤ! هن شخص ڏانهن ڏسو، جنهن بابت يهودين جي سڄي خلق هتي قيصريہ ۾ ۽ يروشلم ۾ مون وٽ فرياد ڪيو ۽ واڪا ڪري چيائون تہ ’هن ماڻهوءَ کي جيوت نہ ڇڏيو.‘
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ فيستس چوڻ لڳو تہ ”اي بادشاهہ اگرپا ۽ درٻار ۾ موجود مانوارؤ! هن شخص ڏانهن ڏسو، جنهن بابت يهودين جي سڄي خلق هتي قيصريہ ۾ ۽ يروشلم ۾ مون وٽ فرياد ڪيو ۽ واڪا ڪري چيائون تہ ’هن ماڻهوءَ کي جيئرو نہ ڇڏيو.‘