Acts 25:7 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن اُهو اچي حاضر ٿيو، تڏهن جيڪي يهودي يروشلم مان آيا هئا، سي سندس چوڌاري بيهي ويا ۽ مٿس ڏاڍيون ڳريون تهمتون رکيائون، پر انهن جي ثابتي ڏيئي نہ سگهيا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن پولس پھتو تڏھن يھودي جيڪي يروشلم کان آيا ھئا، سي چوگرد ڦري آيس ۽ مٿس ڏاڍيون سخت تھمتون ھنيائون، پر انھن جي ثابتي نہ ڏيئي سگھيا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن پولس پهتو تڏهن يهودي جيڪي يروشلم کان آيا هئا، سي چوگرد ڦري آيس ۽ مٿس گھڻيون ئي سخت تهمتون هڻڻ لڳا. پر هو انهن جي ڪا ثابتي ڏيئي نہ سگھيا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن پولس پهتو تڏهن يهودي جيڪي يروشلم کان آيا هئا، سي چوگرد ڦري آيس ۽ مٿس گھڻيون ئي سخت تهمتون هڻڻ لڳا. پر هو انهن جي ڪا ثابتي ڏيئي نہ سگھيا.