Acts 26:22 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر خدا جي مدد سان اڄ تائين آئون قائم رهندو اچان، ۽ ننڍي توڙي وڏي جي اڳيان شاهدي ڏيندو اچان، ۽ رڳو اُهي ڳالهيون ٿو ٻُڌايان، جن بابت نبي ۽ موسيٰ اڳيئي چئي ويا آهن تہ ٿينديون؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر اڄ تائين خدا جي مدد مون ساڻ آھي، سو آءٌ پنھنجيءَ ڳالھہ تي قائم آھيان ۽ ھر غريب توڙي امير جي اڳيان ھڪ جھڙي شاھدي ٿو ڏيان. آءٌ رڳو اھي ڳالھيون ٿو ٻڌايان، جن بابت موسيٰ ۽ ٻيا نبي چئي ويا آھن تہ اھي ضرور ٿينديون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر اڄ تائين ايشور جي مدد مون ساڻ آهي، سو آءٌ پنهنجي ڳالهہ تي قائم آهيان ۽ هر غريب توڙي امير جي اڳيان هڪجهڙي شاهدي ٿو ڏيان. آءٌ رڳو اهي ڳالهيون ٿو ٻڌايان، جن بابت موسيٰ ۽ ايشور جو سنديش ڏيندڙ ٻيا سنت اڳڪٿي ڪري ويا آهن تہ اهي ضرور ٿينديون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر اڄ تائين خدا جي مدد مون ساڻ آهي، سو آءٌ پنهنجيءَ ڳالهہ تي قائم آهيان ۽ هر غريب توڙي امير جي اڳيان هڪجهڙي شاهدي ٿو ڏيان. آءٌ رڳو اهي ڳالهيون ٿو ٻڌايان، جن بابت موسيٰ ۽ ٻيا نبي اڳڪٿي ڪري ويا آهن تہ اهي ضرور ٿينديون.