Acts 26:7 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ انهي واعدي جي پوري ٿيڻ جي اُميد تي اسان جا ٻارهن ئي قبيلا ڏاڍي دل سان رات ڏينهن خدا جي عبادت پيا ڪن. انهيءَ ئي اميد جي ڪري، بادشاهہ سائين، يهودين مون تي هيءَ تهمت رکي آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ واعدي جي پوري ٿيڻ جي اميد تي اسان جا ٻارھن ئي قبيلا دل⁠وجان سان ڏينھن رات خدا جي عبادت ڪري رھيا آھن. اي بادشاھہ سلامت! انھيءَ اميد جي ڪري تہ يھودين مون تي اھا تھمت ھنئي آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ وچن جي پوري ٿيڻ جي اميد تي اسان جا ٻارهن ئي قبيلا تن ۽ من سان ڏينهن رات ايشور جي ڀڳتي ڪندا رهندا آهن. اي راجا اگرپا! انهيءَ اميد جي ڪري ئي يهودي مون تي تهمتون هڻن ٿا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ واعدي جي پوري ٿيڻ جي اميد تي اسان جا ٻارهن ئي قبيلا دل وَ جان سان ڏينهن رات خدا جي عبادت ڪندا رهندا آهن. اي بادشاهہ اگرپا! انهيءَ اميد جي ڪري ئي يهودي مون تي تهمتون هڻن ٿا.