Acts 27:12 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اهو بندر سياري ڪاٽڻ لاءِ چڱو نہ هو، تنهنڪري گهڻن جي صلاح ٿي تہ اتان اڳتي هلجي، ۽ جي ٿي سگهي تہ فينڪس ۾ هلي سيارو گذارجي؛ جو ڪريتيءَ جو بندر آهي ۽ سندس رخ اُتر اُڀرندي ڏانهن آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيئن تہ اھو بندر سياري گذارڻ لاءِ چڱو نہ ھو، تنھنڪري گھڻن اھا صلاح ڏني تہ ھتان اڳتي ھلجي ۽ جي ٿي سگھي تہ سيارو ھلي فينڪس ۾ گذارجي، جيڪو ڪريتيءَ جو بندر آھي ۽ سندس رخ اتر الھندي ۽ ڏکڻ الھندي ڏانھن آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيئن تہ اهو بندر سياري گذارڻ لاءِ چڱو نہ هو، تنهنڪري گھڻن اها صلاح ڏني تہ هتان اڳتي هلجي ۽ جي ٿي سگھي تہ سيارو هلي فينڪس ۾ گذارجي، جيڪو ڪريتي جو بندر آهي ۽ سندس رخ اتر اولهہ ۽ ڏکڻ اولهہ ڏانهن آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيئن تہ اهو بندر سياري گذارڻ لاءِ چڱو نہ هو، تنهنڪري گھڻن اها صلاح ڏني تہ هتان اڳتي هلجي ۽ جي ٿي سگھي تہ سيارو هلي فينڪس ۾ گذارجي، جيڪو ڪريتي جو بندر آهي ۽ سندس رخ اتر اولهہ ۽ ڏکڻ اولهہ ڏانهن آهي.