Acts 27:20 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن ڏينهن جا ڏينهن نڪي سج نڪي تارا ڏسڻ ۾ آيا، ۽ سخت طوفان لڳندو رهيو، تڏهن نيٺ بچڻ جي ڪابہ اُميد ڪانہ رهيسين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ڪيترن ئي ڏينھن تائين اسان کي سج، چنڊ ۽ تارا نظر نہ آيا ۽ تيز ھوائون گھلنديون رھيون. آخرڪار اسان پنھنجي حياتيءَ کان نااميد ٿي وياسين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين اسان کي سج، چنڊ ۽ تارا نظر نہ آيا ۽ تيز هوائون گھُلنديون رهيون. آخرڪار اسين پنهنجي جيون کان بلڪل نااميد ٿي وياسين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين اسان کي سج، چنڊ ۽ تارا نظر نہ آيا ۽ تيز هوائون گھُلنديون رهيون. آخرڪار اسين پنهنجي حياتيءَ کان بلڪل نااميد ٿي وياسين.