Acts 27:39 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن ڏينهن ٿيو، تڏهن خبر ئي ڪانہ پين تہ هيءُ ڪهڙو ملڪ آهي: پر هڪڙي کاري ڏٺائون جنهن جو ڪنارو صاف هو، ۽ هو پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ جي ٿي سگهي تہ جهاز کي انهي ڪناري تي وڃي بيهارجي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن ڏينھن ٿيو تہ خلاصين کي ڪنارو سڃاڻڻ ۾ نہ آيو، پر انھن ھڪ سامونڊي کاري ڏٺي، جنھن جو ڪنارو صاف ھو. سو ھو پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ جيڪڏھن ٿي سگھي تہ جھاز کي انھيءَ ڪناري تي وڃي بيھارجي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن ڏينهن ٿيو تہ ڪنارو نظر آيو، پر ملاح اهو علائقو سڃاڻي نہ سگھيا. اتي کين سڪيءَ اندر وڌيل اهڙي جاءِ نظر آئي، جنهن جو ڪنارو صاف هو. سو هو پاڻ ۾ صلاح ڪرڻ لڳا تہ جيڪڏهن ٿي سگھي تہ جهاز کي انهيءَ هنڌ ڪناري تي وڃي بيهارجي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)