Acts 28:13 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اُتان ڦيرو ڏيئي ريگيوم ۾ آياسين: ۽ هڪڙي ڏينهن کانپوءِ ڏکڻ لڳو، ۽ ٻئي ڏينهن اسين پتيوليءَ ۾ آياسين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اتان وري اسان پنھنجو سفر شروع ڪيو ۽ ريگيوم شھر ۾ پھتاسين. ٻئي ڏينھن ڏکڻ جو واءُ گھلڻ لڳو ۽ اسين ٻن ڏينھن ۾ پُتيُلي شھر ۾ آياسين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اتان ٿي اسين ريگيم شهر ۾ اچي پهتاسين. ٻئي ڏينهن ڏکڻ جو واءُ گھُلڻ لڳو سو اسين ٻن ڏينهن ۾ اِٽليءَ جي شهر پُتيلي ۾ اچي لٿاسين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اتان ٿي اسين ريگيم شهر ۾ اچي پهتاسين. ٻئي ڏينهن ڏکڻ جو واءُ گھُلڻ لڳو سو اسين ٻن ڏينهن ۾ اِٽليءَ جي شهر پُتيلي ۾ اچي لٿاسين.