Acts 28:15 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
اتي ڀائرن اسان جي اچڻ جو ٻُڌو؛ ۽ اسان کي گڏجڻ لاءِ اپيوس جي چونڪ ۾ ٽن سراين تائين آيا؛ جن کي ڏسي پولس خدا جو شڪر ڪيو، ۽ خاطر جمع ٿيس.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن روم جي ڀائرن اسان جي اچڻ جو ٻڌو تہ ھو اسان سان ملڻ لاءِ اپيُس منڊي چونڪ ۽ ٽسرائي ڳوٺ تائين آيا. جڏھن پولس انھن کي ڏٺو تہ خدا جو شڪر ڪرڻ لڳو ۽ دلي سڪون حاصل ٿيس. اھڙيءَ طرح اسين روم ۾ پھتاسين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن روم جي وشواسين اسان جي اچڻ جو ٻڌو تہ انهن مان ڪي اسان سان ملڻ لاءِ اپيُس منڊي چونڪ تائين ۽ ڪي وري ٽسرائي ڳوٺ تائين آيا. جڏهن پولس انهن کي ڏٺو تہ ايشور جو شڪر ڪيائين ۽ نئون حوصلو پيدا ٿيس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن روم جي ايمان وارن اسان جي اچڻ جو ٻڌو تہ انهن مان ڪي اسان سان ملڻ لاءِ اپيُس منڊي چونڪ تائين ۽ ڪي وري ٽسرائي ڳوٺ تائين آيا. جڏهن پولس انهن کي ڏٺو تہ خدا جو شڪر ڪيائين ۽ نئون حوصلو پيدا ٿيس.