Acts 4:13 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
هاڻي جڏهن هنن پطرس ۽ يوحنا جي همت ڏٺي، ۽ خبر پين تہ هو اڻ پڙهيل ۽ بي علم ماڻهو آهن، تڏهن عجب لڳن؛ ۽ کين سڃاتائون تہ هو يسوع ساڻ هوندا هئا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ ھي رواجي ماڻھو ٿوري تعليم ھوندي بہ ڪيترا نہ دلير آھن! پر پوءِ ڄاتائون تہ ھو عيسيٰ جا ساٿي آھن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ هي عام ماڻهو ٿوري سکيا هوندي بہ ڪيڏا نہ دلير آهن! پر پوءِ ڄاتائون تہ هو يسوع جا ساٿي آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ هي عام ماڻهو ٿوري تعليم هوندي بہ ڪيڏا نہ دلير آهن! پر پوءِ ڄاتائون تہ هو عيسيٰ جا ساٿي آهن.