Acts 4:21 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هنن وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنن؛ ڇالاءِ جو ماڻهن جي سببان کين سُجهيو ئي ڪين ٿي تہ ڪهڙيءَ طرح سزا ڏيون؛ جو جيڪي ٿي گذريو هو، تنهن جي ڪري سڀني ماڻهن خدا جي وڏائي پئي ڪئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن تي ڪائونسل انھن کي وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنو. انھن کي ڪوبہ سبب نظر نہ آيو جنھن جي ڪري کين سزا ڏين، ڇاڪاڻتہ جيڪي ڪجھہ ٿيو ھو تنھن تي سڀ ماڻھو خدا جي واکاڻ ڪري رھيا ھئا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن تي پئنچائت وارن کين وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ تہ ماڻهن جي ڪري کين سزا ڏيڻ جو ڪو طريقو نہ ٿي مليو، ڇو تہ سڀ ماڻهو انهيءَ ڳالهہ سبب ايشور جي مهما ڪري رهيا هئا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي ڪائونسل وارن کين وري بہ دڙڪا ڏيئي ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ تہ ماڻهن جي ڪري کين سزا ڏيڻ جو ڪو طريقو نہ ٿي مليو، ڇو تہ سڀ ماڻهو انهيءَ ڳالهہ سبب خدا جي واکاڻ ڪري رهيا هئا.