Acts 4:24 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ جڏهن هنن اها ڳالهہ ٻُڌي، تڏهن سڀني گڏجي هڪ دل ٿي وڏي آواز سان خدا کي پڪاري چيو، تہ اي خداوند، تون اهو آهين جنهن آسمان ۽ زمين ۽ سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي منجهن آهي سو سڀ خلقيو؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن انھن اھو ٻڌو تہ سڀيئي گڏجي وڏي آواز سان خدا کان دعا گھرڻ لڳا تہ ”اي مالڪ! تون آسمان، زمين، سمنڊ ۽ جيڪي ڪجھہ انھن منجھہ آھي تنھن جو خالق آھين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن انهن اهو ٻڌو تہ سڀيئي گڏجي وڏي آواز سان ايشور کي پرارٿنا ڪرڻ لڳا تہ ”اي مالڪ! تون ئي آڪاش، ڌرتي، سمنڊ ۽ جيڪي ڪجھہ انهن منجھہ آهي تنهن جو رچنا ڪندڙ آهين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن انهن اهو ٻڌو تہ سڀيئي گڏجي وڏي آواز سان خدا کان دعا گھرڻ لڳا تہ ”اي مالڪ! تون ئي آسمان، زمين ، سمنڊ ۽ جيڪي ڪجھہ انهن منجھہ آهي تنهن جو خالق آهين.