Acts 4:27 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ تہ سچ پچ هن شهر ۾ تنهنجو پاڪ بندو يسوع، جنهن کي تو مسح ڪيو هو، تنهن جي برخلاف هيروديس توڙي پنطس پلاطس، غير قومن ۽ اسرائيل جي اُمتن سوڌو اچي گڏ ٿيا،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
سچپچ تہ ھن شھر ۾ تنھنجو پاڪ ٻانھو عيسيٰ جنھن کي تو مسيح مقرر ڪيو، تنھن جي خلاف گليل جو حاڪم ھيروديس ۽ پنطيس پلاطس، غير قومن ۽ بني اسرائيل جي ماڻھن سميت اچي گڏ ٿيا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهو سچ ثابت ٿيو آهي تہ تنهنجي پوِتر داس يسوع جنهن کي تو مخصوص ڪري مسيح ڪيو، تنهن جي خلاف گليل صوبي جو حڪمران هيروديس انتپاس ۽ گورنر پنطيس پلاطس، غير قومن ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن سميت هن شهر ۾ اچي گڏ ٿيا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو سچ ثابت ٿيو آهي تہ تنهنجي پاڪ ٻانهي عيسيٰ جنهن کي تو مخصوص ڪري مسيح ڪيو، تنهن جي خلاف گليل صوبي جو حڪمران هيروديس انتپاس ۽ گورنر پنطيس پلاطس ، غير قومن ۽ بني اسرائيل جي ماڻهن سميت هن شهر ۾ اچي گڏ ٿيا.