Acts 5:15 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ايتري قدر جو ماڻهو بيمارن کي منجن ۽ کٽولن تي کڻي آڻي رستن تي رکندا هئا، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن پطرس اچي، تڏهن ٻيو نہ تہ من سندس پاڇو ئي منجهانئن ڪنهن تي پوي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ايتري قدر جو ھو بيمارن کي آڻي گھٽين ۾ کٽولن ۽ تڏن تي رکندا ھئا تہ جڏھن پطرس اتان لنگھي تہ من سندس پاڇو ئي انھن مان ڪن تي پوي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سنتن جا چمتڪار ڏسي ماڻهو بيمارن کي گھٽين ۾ آڻي کٽولن ۽ تڏن تي رکڻ لڳا تہ جڏهن پطرس اتان لنگھي تہ من سندس پاڇو ئي انهن مان ڪن تي پوي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
رسولن جا معجزا ڏسي ماڻهو بيمارن کي گھٽين ۾ آڻي کٽولن ۽ تڏن تي رکڻ لڳا تہ جڏهن پطرس اتان لنگھي تہ من سندس پاڇو ئي انهن مان ڪن تي پوي.