Acts 5:21 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اها ڳالهہ ٻُڌي هو پرهہ ڦٽيءَ ڌاري هيڪل ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳا. پر جڏهن سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿي آيا، تڏهن صدر مجلس ۽ بني اسرائيل جي سڀني بزرگن کي گڏ ڪيائون، ۽ قيدخاني ۾ چوائي موڪليائون تہ انهن کي وٺي اچو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ حڪم موجب رسول صبح جو سوير ئي ھيڪل ۾ وڃي تعليم ڏيڻ لڳا. وڏي سردار ڪاھن ۽ سندس ساٿين يھودين جي سڀني بزرگن کي پاڻ وٽ سڏايو تہ جيئن ڪائونسل جي مڪمل گڏجاڻي ٿئي. پوءِ انھن جيل ڏانھن چوائي موڪليو تہ رسولن کي حاضر ڪيو وڃي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ حڪم موجب سنت صبح جو سوير ئي هيڪل ۾ ويا ۽ سکيا ڏيڻ لڳا. هوڏانهن وڏي سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿين يهودي پئنچائت جي ٻين سڀني چڱن مڙسن کي پاڻ وٽ سڏايو تہ جيئن پئنچائت جي مڪمل گڏجاڻي ٿئي. پوءِ انهن جيل ڏانهن چوائي موڪليو تہ جيئن سنتن کي آڻي حاضر ڪن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ حڪم موجب رسول صبح جو سوير ئي هيڪل ۾ ويا ۽ تعليم ڏيڻ لڳا. هوڏانهن وڏي سردار ڪاهن ۽ سندس ساٿين يهودي ڪائونسل جي ٻين سڀني چڱن مڙسن کي پاڻ وٽ سڏايو تہ جيئن ڪائونسل جي مڪمل گڏجاڻي ٿئي. پوءِ انهن جيل ڏانهن چوائي موڪليو تہ جيئن رسولن کي آڻي حاضر ڪن.