Acts 6:12 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
سو خلق کي، ۽ بزرگن ۽ فقيهن کي وٺي چوريائون، ۽ مٿس ڪاهي آيا ۽ جهلي صدر مجلس ۾ وٺي ويا؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھڙيءَ طرح ھنن خلق کي، بزرگن ۽ شريعت جي عالمن سميت وٺي ڀڙڪايو. اھي استيفنس تي چڙھائي ڪري آيا ۽ کيس گرفتار ڪري ڪائونسل جي اڳيان پيش ڪيائون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهڙيءَ طرح هنن نيم شاسترين سميت يهودي پئنچائت جي ٻين چڱن مڙسن ۽ عام خلق کي وٺي ڀڙڪايو. تڏهن اهي استيفنس تي چڙهائي ڪري آيا ۽ کيس گرفتار ڪري يهودي پئنچائت جي اڳيان پيش ڪيائون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهڙيءَ طرح هنن شريعت جي عالمن سميت يهودي ڪائونسل جي ٻين چڱن مڙسن ۽ عام خلق کي وٺي ڀڙڪايو. تڏهن اهي استيفنس تي چڙهائي ڪري آيا ۽ کيس گرفتار ڪري ڪائونسل جي اڳيان پيش ڪيائون.