Acts 6:2 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن تي انهن ٻارهن رسولن شاگردن جي جماعت کي پاڻ وٽ سڏي چيو، تہ اها ڳالهہ واجب ناهي تہ اسين خدا جي ڪلام کي ڇڏي کائڻ پيئڻ جو بندوبست ڪريون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھنڪري ٻارھن رسولن سڀني شاگردن کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ چيو تہ ”اھو اسان لاءِ چڱو نہ آھي جو کاڌي پيتي جي ڳالھين جي ڪري اسين خدا جي ڪلام جي تبليغ ڇڏي ڏيون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهنڪري ٻارهن سنتن سڀني وشواسين کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کين چيو تہ ”اسان لاءِ اهو چڱو نہ آهي جو کاڌي پيتي جي ڳالهين جي ڪري اسين مسيح بابت ايشور جي سنديش جو پرچار ڇڏي ڏيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري ٻارهن رسولن سڀني ايمان وارن کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ کين چيو تہ ”اسان لاءِ اهو چڱو نہ آهي جو کاڌي پيتي جي ڳالهين جي ڪري اسين مسيح بابت خدا جي پيغام جي تبليغ ڇڏي ڏيون.