Acts 6:5 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اها ڳالهہ ساريءَ جماعت کي پسند آئي، ۽ هنن استيفنس نالي شخص، جو ايمان ۽ پاڪ روح سان ڀرپور هو، ۽ فلپس، ۽ پرخرس، ۽ نيڪانور، ۽ تيمون، ۽ پرمناس، ۽ نيڪلاس جو انتاڪيہ جو نو مريد هو، تن کي چونڊي ڪڍيو:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
رسولن جي صلاح تي سڄو ٽولو خوش ٿيو. سو انھيءَ ٽولي ھنن ماڻھن کي چونڊيو: استيفنس، جيڪو ايمان ۽ پاڪ روح سان ڀريل ھو، فلپس، پرخرس، نيڪانور، تيمون، پرمناس ۽ نيڪلاوءس جيڪو انتاڪيا جو رھاڪو ھو ۽ اڳ غير يھودي ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سنتن جي صلاح تي وشواسين جي سڄي منڊلي خوش ٿي. سو انهيءَ منڊليءَ هنن ماڻهن کي چونڊيو: استيفنس، جيڪو وشواس ۽ پوِتر آتما سان ڀريل هو، فلپس، پرخرس، نيڪانور، تيمون، پرمناس ۽ نيڪلاؤس جيڪو انطاڪيا شهر جو رهاڪو هو ۽ اڳ يهودي ڌرم ۾ شامل ٿيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
رسولن جي صلاح تي سڄي جماعت خوش ٿي. سو انهيءَ جماعت هنن ماڻهن کي چونڊيو: استيفنس، جيڪو ايمان ۽ پاڪ روح سان ڀريل هو، فلپس، پرخرس، نيڪانور، تيمون، پرمناس ۽ نيڪلاؤس جيڪو انطاڪيا شهر جو رهاڪو هو ۽ اڳ يهودي مذهب ۾ شامل ٿيو.