Acts 6:7 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ خداوند جو ڪلام پکڙندو ويو، ۽ شاگردن جو شمار يروشلم ۾ تمام گهڻو وڌندو ويو؛ ۽ ڪاهنن جي وڏي جماعت ايمان جي تابع ٿي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھڙيءَ طرح خدا جو ڪلام پکڙبو ويو ۽ يروشلم ۾ شاگردن جو تعداد بہ وڌندو ويو. ان کان علاوہ ڪاھنن جي ھڪ وڏي ٽولي پڻ ايمان آندو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهڙيءَ طرح مسيح بابت ايشور جو سنديش پکڙبو ويو ۽ يروشلم ۾ وشواسين جو تعداد بہ گھڻو وڌندو ويو. ان کان علاوہ ڪاهنن جو وڏو تعداد پڻ يسوع مسيح بابت خوشخبريءَ جو تابعدار بڻيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهڙيءَ طرح مسيح بابت خدا جو پيغام پکڙبو ويو ۽ يروشلم ۾ ايمان وارن جو تعداد بہ گھڻو وڌندو ويو. ان کان علاوہ ڪاهنن جو وڏو تعداد پڻ عيسيٰ مسيح بابت خوشخبريءَ جو تابعدار بڻيو.