Acts 7:10 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ کيس سڀني مصيبتن کان ڇڏايائين، ۽ دانائي بخشيائينس، سو هو فرعون وٽ قبول پيو، جنهن هن کي مصر ۽ پنهنجي سڄي گهر تي حاڪم ڪيو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
۽ کيس سڀني مصيبتن مان سلامتيءَ سان پار ڪيائين ۽ دانائي بخشيائينس، جنھن ڪري ھو مصر جي بادشاھہ فرعون وٽ قبول پيو. فرعون يوسف کي مصر جو حاڪم ۽ پنھنجي محلات جو مالڪ بڻايو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
۽ کيس سڀني مصيبتن مان شانتيءَ سان پار ڪيائين. ايشور کيس ڏاهپ سان گڏ فرعون يعني مصر جي راجا جو راضپو پڻ بخشيو، ايتري قدر جو فرعون يوسف کي مصر ملڪ توڙي پنهنجي پوري محلات جو حاڪم بڻائي ڇڏيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
۽ کيس سڀني مصيبتن مان سلامتيءَ سان پار ڪيائين. خدا کيس ڏاهپ سان گڏ فرعون يعني مصر جي بادشاهہ جو راضپو پڻ بخشيو، ايتري قدر جو فرعون يوسف کي مصر ملڪ توڙي پنهنجي پوري محلات جو حاڪم بڻائي ڇڏيو.