Acts 7:2 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
هو چوڻ لڳو تہ اي ڀائرو ۽ بزرگو ٻُڌو: اسان جو پيءُ ابراهيم حاران ۾ وڃي رهيو، تنهن کان اڳي جڏهن ميسپتاميا ۾ رهندو هو، تڏهن خدا ذوالجلال مٿس ظاهر ٿيو،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھن تي استيفنس جواب ڏنو تہ ”اي ڀائرو ۽ بزرگو! منھنجي ٻڌو. خداءِ⁠ذوالجلال اسان جي وڏي ابراھيم تي ان وقت ظاھر ٿيو، جڏھن حاران ۾ رھڻ کان اڳ ھو مسوپتاميہ ۾ رھندو ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن تي استيفنس جواب ڏنو تہ ”اي ڀائرو ۽ وڏڙؤ! منهنجي ٻڌو. وڏي مهانتا وارو ايشور اسان جي وڏي ابرهام تي ان وقت ظاهر ٿيو، جڏهن حاران شهر ۾ رهڻ کان اڳ هو مسوپتاميہ ۾ رهندو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي استيفنس جواب ڏنو تہ ”اي ڀائرو ۽ بزرگؤ! منهنجي ٻڌو. خداءِ‌ذوالجلال اسان جي وڏي ابراهيم تي ان وقت ظاهر ٿيو، جڏهن حاران شهر ۾ رهڻ کان اڳ هو مسوپتاميہ ۾ رهندو هو.