Acts 7:38 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
هي اُهو ئي آهي جو رڻ پٽ ۾ ڪليسيا منجهہ اُنهي ملائڪ سان هو، جنهن سينا جبل تي ساڻس ڳالهايو، ۽ جو اسان جي ابن ڏاڏن سان هو؛ انهي کي زندگيءَ جو ڪلام مليو تہ اسان کي پهچائي ڏي:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھي اھو ئي آھي، جيڪو ان وقت اتي ھو جڏھن سڀيئي بني اسرائيل بيابان ۾ گڏ ٿيا ھئا. اتي ھو اسان جي ابن ڏاڏن سان گڏ ھو ۽ انھيءَ ملائڪ سان گڏ ھو جنھن ھن سان سينا جي جبل تي ڳالھايو ھو. ھي اھو ئي آھي جنھن کي زندہ ڪلام مليو، انھيءَ لاءِ تہ اھو اسان تائين پھچائي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هي اهو ئي آهي، جنهن بيابان ۾ سڄي بني اسرائيل کي آڻي گڏ ڪيو. اتي هو اسان جي ابن ڏاڏن ۽ انهيءَ دوت جو وچ وارو بڻيو، جنهن ساڻس سينا جبل تي ڳالهايو هو. هي اهو ئي آهي جنهن کي جيون ڏيندڙ وچن مليو، انهيءَ لاءِ تہ اهو اسان تائين پهچائي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هي اهو ئي آهي، جنهن بيابان ۾ سڄي بني اسرائيل کي آڻي گڏ ڪيو. اتي هو اسان جي ابن ڏاڏن ۽ انهيءَ ملائڪ جو وچ وارو بڻيو، جنهن ساڻس سينا جبل تي ڳالهايو هو. هي اهو ئي آهي جنهن کي زندگي ڏيندڙ ڪلام مليو، انهيءَ لاءِ تہ اهو اسان تائين پهچائي.