Acts 7:42 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر خدا هنن کان منهن موڙيو ۽ ڇڏي ڏنائينِ، تہ وڃي آسمان جي لشڪر کي پوڄين، جيئن نبين جي ڪتاب ۾ لکيل آهي، تہ ”اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهان رڻ پٽ ۾ چاليهہ ورهيہ جانور ڪُهي منهنجي لاءِ قربانيون چاڙهيون ڇا؟
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر خدا انھن کان منھن موڙيو ۽ کين ڇڏي ڏنائين تہ وڃي آسمان جي ستارن جي پوڄا ڪن، جيئن نبين جي صحيفي ۾ لکيل آھي تہ ’اي بني اسرائيل وارؤ! ڇا اوھان منھنجي لاءِ بيابان ۾ چاليھن سالن تائين جانور ڪھي قربانيون ڏنيون؟ ڪڏھن بہ نہ،
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهن تي ايشور انهن کان منهن موڙيو ۽ کين ڇڏي ڏنائين تہ وڃي آڪاش جي لشڪر جي پوجا ڪن، جيئن سنديش ڏيندڙ سنتن جي هڪ لکت ۾ ايشور فرمائي ٿو تہ ’اي بني اسرائيل وارؤ! ڇا اوهان منهنجي لاءِ بيابان ۾ چاليهن سالن تائين جانور ڪهي ٻليدان ڏنا؟ ڪڏهن بہ نہ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي خدا انهن کان منهن موڙيو ۽ کين ڇڏي ڏنائين تہ وڃي آسمان جي لشڪر جي پوڄا ڪن، جيئن نبين جي هڪ لکت ۾ خدا فرمائي ٿو تہ ’اي بني اسرائيل وارؤ! ڇا اوهان منهنجي لاءِ بيابان ۾ چاليهن سالن تائين جانور ڪهي قربانيون ڏنيون؟ ڪڏهن بہ نہ.