Acts 7:44 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
اسان جي ابن ڏاڏن وٽ رڻ پٽ ۾ شاهديءَ جو تنبو هو، جهڙيءَ طرح موسيٰ کي ڪلام ڪرڻ واري حڪم ڏنو هو، تہ جيڪو نمونو تو ڏٺو آهي، تنهن جهڙو ٺاهہ.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اسان جي ابن ڏاڏن وٽ بيابان ۾ مقدس خيمو ھو. اھو ائين ئي ٺاھيو ويو ھو جيئن خدا موسيٰ کي ٻڌايو ھو، يعني اھڙي نموني جو جھڙيءَ طرح موسيٰ کي ڏيکاريو ويو ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اسان جي ابن ڏاڏن وٽ بيابان ۾ ايشور سان ملاقات وارو خيمو هو. اهو ائين ئي ٺاهيو ويو هو جيئن ايشور موسيٰ کي ٻڌايو هو، يعني اهڙي نموني جو جهڙيءَ طرح موسيٰ کي ڏيکاريو ويو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اسان جي ابن ڏاڏن وٽ بيابان ۾ خدا سان ملاقات وارو خيمو هو. اهو ائين ئي ٺاهيو ويو هو جيئن خدا موسيٰ کي ٻڌايو هو، يعني اهڙي نموني جو جهڙيءَ طرح موسيٰ کي ڏيکاريو ويو هو.