Acts 7:51 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
اوهين جي ضدي، ۽ دل ۽ ڪَنن جا نامختون آهيو، سي هميشہ پاڪ روح جو مقابلو ٿا ڪريو، جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا، تيئن اوهين بہ ٿا ڪريو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اوھين ڪيڏا نہ ضدي آھيو، اوھان جون دليون ڪيڏيون نہ ڦريل آھن ۽ خدا جو پيغام ٻڌڻ لاءِ اوھان جا ڪن ٻوڙا آھن. اوھين ھميشہ پاڪ روح جو مقابلو ڪندا آھيو، جيئن اوھان جا ابا ڏاڏا ڪندا ھئا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
استيفنس کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ضدي آهيو، اوهان جون دليون ڪيڏيون نہ ڦِريل آهن ۽ ايشور جو سنديش ٻڌڻ لاءِ اوهان جا ڪن ٻوڙا آهن. جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا هئا، تيئن ئي اوهين بہ هميشہ پوِتر آتما جي مخالفت ڪندا آهيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
استيفنس کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ضدي آهيو، اوهان جون دليون ڪيڏيون نہ ڦِريل آهن ۽ خدا جو پيغام ٻڌڻ لاءِ اوهان جا ڪن ٻوڙا آهن. جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا هئا، تيئن ئي اوهين بہ هميشہ پاڪ روح جي مخالفت ڪندا آهيو.