Acts 8:27 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
سو هو اُٿي روانو ٿيو: تہ ڏسو، حبش جو هڪڙو خوجو، جو حبشين جي راڻيءَ ڪنداڪيءَ جو هڪڙو وزير هو، ۽ سندس خزاني جو ناظر هو، ۽ يروشلم ۾ عبادت ڪرڻ آيو هو؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
فلپس تيار ٿيو ۽ اوڏانھن ويو پئي تہ رستي ۾ کيس ھڪڙو حبش جو ماڻھو مليو جيڪو کدڙو ھو. ھي ماڻھو حبش جي راڻيءَ جي سڄي خزاني جو وزير ھو ۽ يروشلم ۾ خدا جي عبادت ڪرڻ لاءِ ويو ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو فلپس اٿي روانو ٿيو تہ رستي ۾ کيس حبش جو هڪڙو ماڻهو مليو، جيڪو خواجہسرا هو. هي ماڻهو حبش جي راڻيءَ جي سڄي خزاني جو وزير هو ۽ يروشلم ۾ ايشور جي ڀڳتي ڪرڻ لاءِ ويو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو فلپس اٿي روانو ٿيو تہ رستي ۾ کيس حبش جو هڪڙو ماڻهو مليو، جيڪو خواجہسرا هو. هي ماڻهو حبش جي راڻيءَ جي سڄي خزاني جو وزير هو ۽ يروشلم ۾ خدا جي عبادت ڪرڻ لاءِ ويو هو.