Acts 8:39 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن هو پاڻيءَ مان نڪتا، تڏهن خداوند جو روح فلپس کي وٺي ويو؛ ۽ خوجي وري هن کي ڪين ڏٺو، ۽ هو خوش ٿي پنهنجو رستو وٺيو هليو ويو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن اھي پاڻيءَ مان ٻاھر نڪتا تہ خداوند جو پاڪ روح فلپس کي کڻي ويو ۽ ھو ازوتس ۾ وڃي نڪتو. آفيسر وري کيس ڏسي نہ سگھيو، پر خوش خوش پنھنجو رستو وٺي ھليو ويو. فلپس ازوتس کان وٺي واٽ ۾ سڀني شھرن ۾ خوشخبري ٻڌائيندو ويو، تان جو اچي قيصريہ ۾ پھتو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جڏهن اهي پاڻيءَ مان ٻاهر نڪتا تہ پرڀوءَ جي پوِتر آتما فلپس کي کڻي ويئي ۽ هو اشدود شهر ۾ وڃي نڪتو. آفيسر وري کيس ڏسي نہ سگھيو، پر خوش خوش پنهنجو رستو وٺي هليو ويو. فلپس اشدود کان قيصريہ شهر ۾ پهچڻ تائين واٽ تي سڀني شهرن ۾ خوشخبري ٻڌائيندو ويو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن اهي پاڻيءَ مان ٻاهر نڪتا تہ خداوند جو پاڪ روح فلپس کي کڻي ويو ۽ هو اشدود شهر ۾ وڃي نڪتو. آفيسر وري کيس ڏسي نہ سگھيو، پر خوش خوش پنهنجو رستو وٺي هليو ويو. فلپس اشدود کان قيصريہ شهر ۾ پهچڻ تائين واٽ تي سڀني شهرن ۾ خوشخبري ٻڌائيندو ويو.