Acts 9:10 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
هاڻي دمشق ۾ حنانياہ نالي هڪڙو شاگرد هو، تنهن کي خداوند رويا ۾ چيو، تہ اي حنانياہ! هن چيو، تہ اي خداوند، اِجهو حاضر آهيان.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
دمشق ۾ ھڪ شاگرد ھو، جنھن جو نالو حنانياہ ھو. ھن رويا ڏٺي، جنھن ۾ خداوند کيس چيو تہ ”حنانياہ!“ ھن وراڻيو تہ ”حاضر منھنجا خداوند.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
دمشق ۾ حننياہ نالي پرڀو يسوع جو هڪ پوئلڳ هو، جنهن کي درشن ۾ پرڀو يسوع چيو تہ ”حننياہ!“ هن وراڻيو تہ ”حاضر منهنجا پرڀو!“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
دمشق ۾ حننياہ نالي خداوند عيسيٰ جو هڪ پوئلڳ هو، جنهن کي رويا ۾ خداوند عيسيٰ چيو تہ ”حننياہ!“ هن وراڻيو تہ ”حاضر منهنجا خداوند!“