Acts 9:27 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر برناباس هن کي وٺي رسولن وٽ آيو، ۽ هنن کي ٻُڌايائين تہ ڪهڙيءَ طرح هن واٽ تي خداوند کي ڏٺو، ۽ انهي ساڻس ڳالهايو، ۽ ڪيئن دمشق ۾ بي ڊپو ٿي يسوع جي نالي جي منادي ڪيائين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تڏھن برنباس ھن جي مدد ڪئي ۽ کيس رسولن وٽ وٺي آيو. ھن انھن کي سمجھايو تہ شائول ڪيئن خداوند کي رستي ۾ ڏٺو ۽ ڪيئن خداوند ھن سان ڳالھايو. ھن اھو بہ ٻڌاين تہ شائول دمشق ۾ ڪيڏي نہ دليريءَ سان عيسيٰ جي نالي جي تبليغ ڪئي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن برنباس هن کي پاڻ سان گڏ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن وٽ وٺي آيو. هن انهن کي ٻڌايو تہ سائول ڪيئن پرڀو يسوع کي رستي ۾ ڏٺو ۽ ڪيئن پرڀوءَ ساڻس ڳالهايو. هن اهو بہ ٻڌاين تہ سائول دمشق ۾ يسوع جي نالي تي ڪيڏي نہ دليريءَ سان پرچار ڪيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن برنباس هن کي پاڻ سان گڏ رسولن وٽ وٺي آيو. هن انهن کي ٻڌايو تہ سائول ڪيئن خداوند عيسيٰ کي رستي ۾ ڏٺو ۽ ڪيئن خداوند ساڻس ڳالهايو. هن اهو بہ ٻڌاين تہ سائول دمشق ۾ عيسيٰ جي نالي تي ڪيڏي نہ دليريءَ سان تبليغ ڪئي.