Acts 9:38 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جيئن تہ لدہ يافا جي ويجهو هو، شاگردن ٻُڌو تہ پطرس اتي آهي، تڏهن ٻہ ماڻهو وٽس موڪلي منٿ ڪيائونس تہ اسان وٽ جلدي هليو اچ.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيئن تہ لدہ، يافا جي ڀرسان ھو، تنھنڪري شاگردن کي خبر پيئي تہ پطرس اتي آھي. پوءِ انھن ٻہ ماڻھو ھن ڏانھن موڪليا ۽ منٿ ڪيائونس تہ ”اسان وٽ جلدي ھليو اچ.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيئن تہ لُدہ ڳوٺ يافا شهر جي ويجھو هو، تنهنڪري لُدہ جي وشواسين کي خبر پئجي ويئي تہ پطرس يافا ۾ آهي. پوءِ ٻہ ماڻهو هن ڏانهن موڪلي وينتي ڪيائونس تہ ”اسان وٽ جلدي هليا اچو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيئن تہ لُدہ ڳوٺ يافا شهر جي ويجھو هو، تنهنڪري لُدہ جي ايمان وارن کي خبر پئجي ويئي تہ پطرس يافا ۾ آهي. پوءِ ٻہ ماڻهو هن ڏانهن موڪلي منٿ ڪيائونس تہ ”اسان وٽ جلدي هليا اچو.“