Amos 1:11 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ادوم جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هو ترار سان پنهنجي ڀاءُ جي پٺيان پيو، ۽ رحم کي اُڇلائي ڇڏيائين: ۽ سندن ڪاوڙ هميشہ پئي ڦاڙيو، ۽ هن پنهنجو غصو هميشہ لاءِ رکي ڇڏيو:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ” ادوم ملڪ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هو تلوار کڻي پنهنجي بني اسرائيل جي ڀائرن جي پٺيان پوندا هئا، ۽ کين ڪو رحم نہ ٿي آيو. انهن جي ڪاوڙ جاري رهي ۽ سندن غصو ڍرو نہ ٿيو.