Amos 6:8 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
خداوند خدا پنهنجو قسم کنيو آهي، ۽ خداوند لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ يعقوب جي وڏائيءَ کي ڌڪاريان ٿو، ۽ هن جي محلاتن کان مون کي نفرت ٿي اچي؛ تنهنڪري آءٌ اُهو شهر ۽ جيڪي منجهس آهي، تنهن کي رد ڪندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند قادرِمطلق خدا، هائو، خداوند خدا پنهنجي ذات جو قسم کڻي ٿو فرمائي تہ ”آءٌ اسرائيل وارن جي وڏائيءَ کي ڌڪاريان ٿو، ۽ سندن محلاتن کان نفرت ٿو ڪريان. تنهنڪري آءٌ سندن گاديءَ وارو شهر، ۽ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي، سو دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيندس.“