Amos 7:2 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن زمين جو گاهہ کائي پورو ڪيو، تڏهن مون چيو، تہ اي خداوند خدا، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ معافي ڏي: يعقوب ڪيئن بيهي سگهندو؟ ڇالاءِ جو هو ننڍو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن ڏٺم تہ ماڪڙ زمين جي سموري ساوڪ کائي چٽ ڪري ڇڏيندي، تڏهن مون پڪاري چيو تہ ”اي خداوند خدا! آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجيءَ قوم کي معافي ڏي. اها ڪيئن قائم رهي سگھندي؟ جڏهن تہ اها بلڪل ڪمزور آهي.“