Amos 8:10 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ آءٌ اوهان جون عيدون ڦيرائي ماتم ڪندس، ۽ اوهان جا سڀ راڳ ورلاپ ڪندس؛ ۽ آءٌ سڀني چيلهين تي کٿو آڻيندس، ۽ سڀ ڪنهن مٿي کي گنجو ڪندس؛ ۽ آءٌ اهڙو ماتم ڪرائيندس جهڙو هڪڙي ئي پٽ لاءِ ٿيندو آهي، ۽ پڇاڙي اوهان جي هڪڙي ڪَڙي ڏينهن جهڙي ڪندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ اوهان جي عيدن کي ڦيرائي ماتم، ۽ سڀني راڳن کي ڦيرائي مرثيا ڪري ڇڏيندس. آءٌ اوهان سڀني کي کٿا ڍڪرائيندس، ۽ اوهان جا مٿا ڪوڙائيندس. آءٌ اوهان ۾ اهڙو تہ ماتم وجھندس، جهڙو سڪيلڌي پٽ جي مرڻ تي ٿيندو آهي، اهو ماتم پڇاڙي تائين تمام سخت هوندو.